سنڌ

آصفه ڀٽو جي شهيدن جي مزار تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو لاڙڪاڻي پهچي شهر جي نوان تڪ محلي ۾ اڳوڻي ايم پي اي غلام مجدد اسراڻ جي لاڏاڻي تي سندس پٽ آفتاب ۽ غلام محمد اسراڻ سان تعزيت ڪئي. ان کان اڳ آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي پڦي ايم پي اي فريال ٽالپر سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهداءِ جمهوريت جي مزارن تي حاضري ڀري جتي هنن شهيد ذوالفقار ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي. جنهن بعد آصفه ڀٽو زرداري شھر جي بختاور اسڪول ۾ سخت سيڪيورٽي سان پھتي. جتي شاگردياڻين کيس گلن جا تحفا پيش ڪيا. ان دوران ھو شاگردن سان ملي جلي وئي، اسڪول انتظاميا کان تعليم جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪئي. جڏھن ته اسڪول جي پرنسپال عابد لاشاري کيس اجرڪ جو تحفو ڏنو. ٻئي طرف ڳوٺ الله ورايو سولنگي ۾ ايم پي اي فريال ٽالپر سان گڏ جوڙايل ماڊل ھائوس جو جائزو ورتو. ان موقعي تي گهر ڌڻي غلام شبير ۽ سندس گهرواري ڌياڻي سولنگي سان ملاقات ڪري کين نئين گھر جون مبارڪون ڏنيون. جڏھن اتي موجود ٻارڙن کي تحفا پڻ ڏنا. ان موقعي تي ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته برسات متاثرن جي مدد ڪري انھن کي مايوسي مان ٻاھر ڪڍون، جنھن ۾ پارٽي ڏينھن رات ميدان عمل تي نڪتل آھي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ اعجاز لغاري، سھيل سيال، زاھد جلباڻي، انور ٻرڙو ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button