سنڌ

بخشاپور ۾ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر ڊينگي وگهي فوت

بخشاپور جو مشھور ھوميوپيٿڪ ڊاڪٽر اصغر علي پٽ ڊاڪٽر محمد صادق ڇڄڻ ڪجهه ڏينهن اڳ دوستن سان گڏ ڪراچي ڪم سانگي ويو هو، ڪراچي کان ترت واپسي بعد ھن کي تيز بخار ۽ الٽيون ٿيون ۽ جنهن بعد ھو بيھوش ٿي ويو. ڊاڪٽر اصغر علي کي وارث اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن ڊينگي جي تصديق ڪئي، جنهن بعد ڊاڪٽر اصغر علي ڇڄڻ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڊينگي وائرس سان وڙھندي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر اصغر علي جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي شھر سوڳ ۾ جزوي طور بند ٿي ويو ۽ سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻئي طرف ڊاڪٽر اصغر علي ڇڄڻ جو مڙهه ايمبولينس ذريعي بخشاپور آندو ويو، جنهن جي تدفين اباڻي ڳوٺ گودي بنگلو ۾ ڪئي ويئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button