پاڪستان

حملي جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي، جوابدار جي نشاندهي تي 2 ڄڻا گرفتار

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان تي فائرنگ ڪرڻ تي سوگهو ڪيل جوابدار نويد جي نشاندهي تي پوليس وڌيڪ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وقاص ۽ ساجد بٽ نالي جوابدارن نويد کي پستول ڏنو هو، جاچ ادارن جي ذريعن موجب وقاص ۽ ساجد بٽ کي وزيرآباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي نويد کي 20 هزار رپين عيوض پستول ۽ گوليون وڪرو ڪيون هيون. پوليس ذريعن ٻڌايو ته جنهن پستول سان عمران خان تي فائرنگ ڪئي وئي، اهو بغير لائسنس ۽ نمبر وارو هو. ٻئي طرف لانگ مارچ تي فائرنگ جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ گرفتار جوابدار نويد کي سي ٽي ڊي پوليس لاهور جي سيل منتقل ڪيو ويو جتان جوابدار کي چوهنگ ۾ قائم سيل ۾ پهچايو ويو آهي، جتي جوابدار کان سي ٽي ڊي سميت ٻين ادارن طرفان پڇا ڳاڇا جاري آهي. جوابدار نويد جي بيان بعد ڪوڙ ۽ سچ جو پتو لڳائڻ لا پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آھي، پوليس پاران ڪيل جاچ موجب جوابدار نشي جو عادي آهي. جوابدار پستول سان گڏ 48 گوليون به خريد ڪيون. جوابدار باءِ پاس روڊ ذريعي واقعي واري هنڌ پهتو. پوليس جاچ موجب حملي آور پهريان مسجد جي ڇت استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مسجد ۾ عصر جي نماز جاري هئي، جنهن سبب پوليس کيس ڇت تي وڃڻ نه ڏنو.جاچ موجب جوابدار مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي نماز جو وقت هجڻ سبب ڪنٽينر تي هلندڙ پارٽي ترانا بند ڪرڻ جو چوندو رهيو. ڪنٽينر تان 15 کان 20 قدمن جي فاصلي تي جوابدار پورو برسٽ فائر ڪيو. پستول ۾ 8 گوليون هلڻ کان پوءِ هڪ گولي ڦاسي پئي. جوابدار ٻڌايو ته مون وٽ ٽوٽل 26 کان 27 گوليون هيون. ذريعن موجب فائرنگ واري واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي يا مقامي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button