سنڌ

بخشاپور مان پوڻا 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ٻه نوجوان پورهيت بازياب

بخشاپور ٿاڻي جي حد مان پوڻا ٻھ مھينا اڳ اغوا ٿيل ٻھ پورھيت بازياب ٿي گھر پھچي ويا. سيلون هلائي پورھيو ڪندڙ مغوي نوجوان گل محمد ملڪ ۽ ڪشمور واسي ڪار ڊرائيور پپو ملڪ راڄوڻي ڪوششن عيوض بازياب ٿي گهر پهچي ويا. ٻنھي مغوين جي بازيابي بعد ڪشمور پوليس مغوين جي بازيابي بابت ڪا پريس رليز جاري نه ڪئي، جنهن بعد اھو واضح ٿي ويو ته مغوي نوجوان راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿيا آهن. ياد رھي ته پوڻا ٻھ مھينا اڳ ٻئي نوجوان پنهنجي ڪار سميت اغوا ٿيا هئا، جنهن بعد پوليس کي ڪار خير شاهه واري علائقي مان ھٿ ڪئي هئي ۽ ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لا ڀنگ طلب ڪيو ھو. ٻئي طرف بازياب ٿيڻ بعد گل محمد ملڪ ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيل ھڪ ڪمري ۾ ھٿ پير ۽ اکيون ٻڌي رکندا هئا. ھن چيو ته ڀنگ ڀري بازياب ٿيڻ واري خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، ڌاڙيل شام جو ماني ڏيئي ڪمري جو تالو بند ڪرڻ وساري ويا، جيئن ئي اسان کي موقعو مليو ته اسان وجهه وٺي اتان ڀڄي نڪتاسين. اسان هڪ روپيو به ڀنگ ناهي ڀريو. جڏهن ته گل محمد ملڪ جي بازيابي بعد سندس گهرڀاتين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button