پاڪستان

فائرنگ واري هنڌ جاچ جاري،11 خول مليا، ڪنٽينر واپس نه ڏيڻ جو فيصلو

جاچ ادارن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وزيرآباد ۾ تحريڪ انصاف قيادت جي مک ڪنٽينر کي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين واپس نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاچ ادارن جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته وزيرآباد ۾ فائرنگ جي واقعي واري هنڌ تحريڪ انصاف جو ڪنٽينر سيل ڪيل آهي، جيڪو جاچ مڪمل ٿيڻ تائين واپس نه ڏنو ويندو. جاچ ٽيم ۽ پوليس طرفان لانگ مارچ جي ڪنٽينر ۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقي کي ڪرائيم سين قرار ڏئي قناتون لڳائي سيل ڪيو ويو آهي، جتي ڪنهن به خانگي ماڻهو يا ميڊيا وارن کي اچڻ جي اجازت ناهي. واقعي واري هنڌ ٻه طرفو روڊ آهي، جنهن جو ڪنٽينر وارو حصو مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي کان ٽريفڪ هلي رهي آهي. جاچ ادارن جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ 11 گولين جا خول مليا آهن. پوليس ۽ فارنزڪ ٽيمون واقعي واري ھنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رھيون آھن. پوليس موجب گرفتار جوابدار نويد ۽ سندس گھرڀاتين کان بھ جاچ جاري آھي، واقعي واري ھنڌان مليل گولين جا خول ۽ وڊيوز جو بھ جائزو ورتو پيو وڃي. شروعاتي جاچ موجب جوابدار حملي لاءِ نائن ايم ايم پستول استعمال ڪيو، جوابدار وٽان پستول، 2 ميگزين ۽ 20 گوليون هٿ آيون آھن، جڏھن تھ واقعي واري ھنڌ وٽان مليل گولين جي 11 خولن مان 9 خول نائن ايم ايم پستول ۽ 2 ٻئي ڪنهن ھٿيار جا آھن. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن موجب واقعي واري هنڌان 9 پسٽل ۽ وڏي هٿيار جَي ٻن گولين جا خول مليا آهن، پسٽل جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺئين پاسي کان مٿي ۽ وڏي هٿيار جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺان کان فائر ڪيون ويون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button