سنڌ

ڏوڪري ويجهو نوجوان پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڏوڪري جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ چڪرو ۾ 25 ورهين جو نوجوان اظهر گاڏهي مبينا طور پنهنجي مٿي ۾ پستول جي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان جي ڀا ساجد گاڏهي ٻڌايو ته رات جو سمهڻ لاءِ ڪمري ۾ ويو ته اوچتو فائر ٿيڻ جو آواز آيو، ڪمري ۾ ڏٺوسين ته ڀاءُ کي نرڙ ۾ گولي لڳل هئي ۽ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو هو. ان ڏس ۾ فتح پور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وارثن کان خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ڪيو. ايس ايڇ او الطاف وڌو ٻڌايو ته نوجوان گھرو پريشاني سبب خودڪشي ڪئي آهي. نوجوان جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button