سنڌ

اڳوڻو وزيراعظم مير بلخ شير مزاري لاڏاڻُو ڪري ويو

اڳوڻو وزيراعظم پاڪستان مير بلخ شير مزاري 95 ورهين جي ڄمار ۾ لاهور جي اسپتال ۾ لاڏاڻُو ڪري ويو. اڳوڻو وزيراعظم بلخ شير مزاري چيف سردار ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم صوبائي وزير سردار سليم جان مزاري جو چاچو ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر مير دوست محمد مزاري جو ڏاڏو هو. اڳوڻي وزيراعظم جي هڪ مهينو اڳ طبيعت خراب هئڻ ڪري کيس لاهور جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ هن فاني دنيا مان لاڏاڻُو ڪري ويو. وفات جي خبر ٻڌڻ شرط اباڻو شهر روجهاڻ مزاري سوڳ ۾ مڪمل طور تي بند ٿي ويو. مرحوم بلخ شير مزاري جي جنازي نماز اڄ روجهاڻ مزاري ۾ ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي مٽي ما حوالي ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button