سنڌ

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ويجهو گڏهن جي گوئي، لکين روپين جي جوا

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ گڏهن جي ڊوڙ جا مقابلا پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ آهي. نئون ديرو – رتوديرو روڊ تي وسند شاخ ڀرسان گڏهن جي ڊوڙ تي لکين روپين جون شرطون رکڻ لاءِ جوارين جو وڏو انگ گوءِ واري ھنڌ پھچي ويو. جواري لکين روپيا کڻي گوءَ واري هنڌ تي هڪٻئي سان شرطون رکن ٿا. ذريعن موجب اھا گڏهن جي گوءِ هر هفتي جمعي جي ڏينهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس ۽ ڊي ايس پي نئون ديرو جي سرپرستي ۾ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو. جنهن تان پوليس هزارين روپيا رشوت اوڳاڙي ڪندي رھي ٿي. گڏهن جي ڊوڙ بابت ڳڙهي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪري معلومات ورتي وئي، جنهن تي هن گوءِ کان بيخبري ظاهر ڪري ڇڏي. علائقي واسين وزير، سھيل، نعمت، شبير ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته گڏهن جي ڊوڙ سان روڊ تان گذرندڙ ٽريفڪ سان حادثا توڙي ٻيا نقصان ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو. ھنن اختيارين کي گڏهن جي ڊوڙ جي آڙ ۾ ٿيندڙ لکين روپين جي جوا واري مامري جو فوري نوٽيس وٺي نااهلي ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button