پاڪستان

تحريڪ انصاف جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج، گورنر هائوس پنجاب تي ڪاهه، ڀڃ ڊاهه

تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پارٽي چيئرمين عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي، لاهور ۾ گورنر هائوس تي ڪاهه ڪري مک دروازي ٻاهران باهيون ڏنيون ويون، ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ شاهراهه فيصل تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ويو، ڪارڪنن پشاور ۾ موٽر وي بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ڳنڍيندڙ علائقو فيض آباد انٽر چينج جنگ جو ميدان بڻجي ويو. تفصيل موجب عمران خان تي فائرنگ خلاف تحريڪ انصاف ڪارڪنن سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي، لاهور ۾ جمعي نماز بعد گورنر هائوس ٻاهران ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، ڪجهه مڇريل ماڻهو گورنر هائوس جون ڀتيون ٽپي اندر داخل ٿيا، سيڪيورٽي ڪئميرائون ۽ لائيٽون ٽوڙي هنگامو برپا ڪيو ويو، گورنر هائوس جا در ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن آجياڻي واري ڪيبن جا شيشا ٽوڙي گورنر هائوس تي پارٽي جو جهنڊو پڻ ڦڙڪائي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير راڻا ثنا الله خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. شهر ۾ مال روڊ ۽ ٻين اهم رستن تي پڻ احتجاج ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. راولپنڊي ۾ شيخ رشيد جي ڀائيٽي راشد شفيق جي قيادت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي ۽ ڪميٽي چوڪ تائين احتجاج ڪيو. پنڊي ۾ ئي جي ٽي روڊ کي چڪ بيلي موڙ ويجهو بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، جي ٽي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ٿيڻ کانپوءِ مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا. اسلام آباد ۾ فيض آباد پل وٽ مظاهرين پهچي ويا جنهن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو جڏهن ته اسلام آباد کان فيض آباد ويندڙ ٽريفڪ کي اسٽيڊيم روڊ ڏانهن موڙيو ويو ، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ايف سي اهلڪارن ۽ اسلام آباد پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن تي اسلام آباد پوليس شيلنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ پٿراءُ ڪندڙ ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. احتجاج ڪندڙن فيض آباد ويندڙ رستا مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب اسلام آباد ويندڙ شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيندا رهيا. احتجاج جي سڏ تي پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اسلام آباد پوليس موجب ڪنهن کي رستا بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پوليس کي هدايت ڏني وئي آهي ته اسلام آباد ۾ اچ وڃ وارا رستا کليل رکيا وڃن، قانون جي دائري ۾ پرامن احتجاج شهرين جو حق آهي پر ڪنهن کي قانون جي ڀڃڪڙي جي ڪنهن صورت اجازت نه ڏني ويندي. ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙن شاهراهه فيصل جا ٻئي پاسا بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن نرسري کان ميٽروپول ڏانهن مارچ ڪيو، ان دوران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، ڪارڪن عائشه باواني وٽان پوليس جو گهيرو ٽوڙي ريجنٽ پلازا تائين پهچي ويا، پوليس ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي. تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران شيلنگ ۽ لٺبازي جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جو ايم پي اي راجا اظهر زخمي ٿي پيو آهي، کيس طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال اتنظاميا موجب راجا اظهر کي ڄنگهه ۾ گولي لڳي آهي، جڏهن ته پوليس تحريڪ انصاف جي ايم پي اي راجا اظهر کي جناح اسپتال مان گرفتار ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راجا اظهر کي آرٽلري ميدان ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جا ڪارڪنن آرٽلري ٿاڻي پهچي ويا آهن. پوليس موجب راجا اظهر جي ايڪسري ۾ گولي لڳڻ جا ثبوت ناهن مليا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال کيس طبي امداد ڏني وئي آهي، احتجاج دوران پوليس طرفان فائرنگ نه ڪئي وئي هئي. ڪراچي سان گڏوگڏ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبر، بدين، ڏيئي، دادو، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، سيتا روڊ، نصيرآباد، بخشاپور، ميرو خان، غلام نبي شاهه، مٺي، ٽنڊو آدم، مورو، تنگواڻي، رتوديرو، ڳاڙهو، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاج مظاهرا ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، اڪثر شهرن ۾ ڪاروبار بند رهيو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن وزيرآباد ۾ عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي جا سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي ڏنڊا بردار ڪارڪنن موٽري وي ۽ خيبر روڊ کي رڪاوٽون لڳائي بند ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملو ڪيو. اوڪاڙا باءِ پاس وٽ احتجاج سبب ايمولينس ڦاسي پئي، ڊرائيور رستو ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو پر مظاهرو ڪندڙن رستو ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو. بلوچستان صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي سڏ تي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، ڪوئيٽا شهر جون اهم مارڪيٽون ۽ دڪان بند رهيا، جڏهن ته لورا لائي، موسيٰ خيل، زوب ۽ پشين ۾ به هڙتال ڪئي، احتجاج واري اعلان سبب اضافي نفري گهرائي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button