سنڌ

جيڪب آباد ۾ سول سوسائٽي جي پاڪ فوج جي حمايت ۾ريلي

جيڪب آباد ۾ سول سوسائٽي پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي. خبر موجب جيڪب آباد ۾ سول سوسائٽي پاران شهيد الهه بخش سومرو پارڪ کان حاڪم علي ايري، گلشير خان بروھي ۽ پرويز علي سومرو جي اڳواڻي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاڪ فوج جي حمايت ۽ ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج خلاف اجائي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اسان ملڪ دشمنن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button