پاڪستان

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ وچ ۾ ختم، احتجاج جاري رکڻ جو اعلان،ٺيڪ ٿي ٻيهر ڪال ڏيندس: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لانگ مارچ ملتوي ڪري احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، شوڪت خاتم اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيستائين وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير راڻا ثنا الله سميت 3 ڄڻا استعيفا نٿا ڏين، تيستائين عوام احتجاج جاري رکي، صحتياب ٿيڻ بعد ٻيهر مارچ جو سڏ ڏيندس، هاڻي پرامن انقلاب ايندو يا خوني، قوم جي سامهون ٻه رستا آهن، ان کانسوا ٽين ڪا واٽ ناهي، قوم اٿي بيهي رهي آهي، جيئن ئي ٺيڪ ٿيندس ته ٻيهر اسلام آباد جي ڪال ڏيندس. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي اڳ ۾ خبر هئي ته وزيرآباد يا گجرات ۾ مون تي حملو ڪندا، لانگ مارچ دوران فائرنگ ڪندڙ ٻه ماڻهو هئا، مون کي 4 گوليون لڳيون ۽ مون کي مارائڻ واري منصوبي ۾ 3 ماڻهن جو اهم ڪردار آهي، جيستائين شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ هڪ ميجر جنرل عهدن تان استعيفا نٿا ڏين، تيستائين عوام احتجاج ڪري، ٽنهي ڄڻن جي موجودگيءَ سبب واقعي جي شفاف جاچ نٿي ٿي سگهي، صحتياب ٿيڻ بعد ٻيهر اسلام آباد جي ڪال ڏيندس، پاڻ تي ٿيل حملي جا تفصيل بعد ۾ ٻڌائيندس، 3 ماڻهن مون کي بند ڪمري ۾ مارڻ جو فيصلو ڪيو، هنن ماڻهن مون کي وزير آباد يا گجرات ۾ مارڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، مون هڪ وڊيو ٺاهي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو آهي ته اهي ماڻهو ڪير آهن؟، مان سندن پلان 24 سيپٽمبر تي جلسي ۾ رکيو هو، مون کي ٻڌايو ويو ته مون کي مارڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي، مون تي 2 مختلف طرفن کان فائر ڪيا ويا ۽ زخمي ٿي هيٺ ڪري پيس، حملو ڪندڙن جو خيال هو ته مان مري ويس، وزيرآباد ۾ ٽن ڄڻن هڪ ڏينهن اڳ مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، اهي ٽي ماڻهو انهن چئن ماڻهن کان مختلف هئا جن بابت مون اڳ ۾ ڳالهايو هو، مون کي مارڻ جي سازش ڪندڙن ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي، مون کي خبر هئي ته مون سان ڪو واقعو ٿيڻ وارو آهي، مون کي ان ڪري ڄاڻ ملندي آهي جو مان حڪومت ۾ رهي چڪو آهيان ۽ ادارن ۾ ماڻهن سان لاڳاپا آهن، ماڻهو ٻڌائيندا رهندا آهن ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي، هنن فيصلو ڪيو ته سلمان تاثير جهڙو ڪو ڪيس ٺاهيو وڃي، هنن جو منصوبو اهو هو ته عمران خان کي سلمان تاثير جيان قتل ڪرائجي ۽ اهو چئجي ته عمران توهين مذهب يا توهين رسالت ڪئي آهي ۽ ڪنهن مذهبي انتها پسند کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها سڀني کي خبر آهي ته ارشد شريف جي پويان ڪير هو، عوام بيوقوف ناهي، عوام کي خبر آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڪيس ٺاهي ۽ چٿرون ڪري مون کي بدنام ڪيو پيو وڃي، جلد سنڌ ويندس ۽ اتي زرداري کي شڪست ڏيندس، نواز شريف کي چئلينج ٿو ڪريان ته منهنجي سامهون ڪنهن به سيٽ تي اليڪشن وڙهي ڏيکاري. عمران خان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ سندس ذميواري آهي، چيف جسٽس کان شهباز گل، اعظم سواتي ۽ ٻين تي تشدد واقعن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو پڻ ڪريان ٿو. تحريڪ انصاف چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر آرمي چيف کي مخاطب ٿيندي چيو ته جاڳو، هي ملڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي، ڇا انسانن خلاف تشدد ۾ ملوث فوج جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان فوج جو وقار بلند ٿيندو يا گهٽ ٿيندو، آئون جنرل باجوا کي فوج جي وقار لا چئي رهيو آهيان، ڇو ته هي پاڪ فوج کي نقصان پهچائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button