پاڪستان

پاڪ فوج عمران خان جي دعوائن ۽ الزامن کي رد ڪري ڇڏيو،حڪومت کان قانوني ڪارروائي جي درخواست

پاڪ فوج تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي الزام ۽ دعوائن کي مڪمل طور تي رد ڪندي فوج ۽ ان جي آفيسرن کي بدنام ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي لا حڪومت کي درخواست ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان لانگ مارچ تي فائرنگ ۽ قاتلاڻي حملي بعد ڏنل بيان تي پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آ ايس پي آر) جو ردعمل سامهون آيو آهي. آ ايس پي آر موجب اداري يا ان جي سپاهين جي تذليل ڪندڙ ڪنهن شخص کي کليل ڇوٽ نه ڏني ويندي، اداري ۽ خاص طور تي هڪ سينيئر آفيسر خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين جا الزام مڪمل طور ناقابل قبول آهن، پاڪ فوج انتهائي پيشيوراڻو ۽ منظم ادارو هجڻ تي فخر ڪري ٿي، فوج ۾ احتساب جو هڪ اثرائتو اندروني نظام آهي پر جيڪڏهن اداري جي سپاهين ۽ آفيسرن جي عزت، سلامتي ۽ وقار کي نشانو بڻايو وڃي ته ادارو پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اداري ۽ آفيسرن تي جيڪي بي بنياد الزام مڙهيا ويا، انهن جي مذمت ڪئي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button