سنڌ

آءِ جي سنڌ کان منشيات جي وڪري ۾ ملوث آفيسرن بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (بيورو رپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي پوليس کان گٽڪي ۽ مين پڙي جي وڪري ۾ ملوث پوليس آفيسرن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪالهه گٽڪي ۽ ٻي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي، جنهن دوران ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ نعيم احمد شيخ گٽڪي ۽ ماوي جي وڪري بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ گٽڪي جي وڪري ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏني آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي سڄي سنڌ ۾ گٽڪو ۽ مين پڙي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. آءِ جي سنڌ پاڻ گٽڪي ۽ مين پڙي بابت ڪارروائين جو جائزو وٺي رهيو آهي. پوليس رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته گٽڪي ۽ مين پڙي جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. عدالت چيو ته آءِ جي سنڌ گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪري ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري، پنهنجي مفاد لاءِ معصوم زندگين سان کيڏندڙ ڪروڙ پتي بڻجي ويا، اسان کي اهي پاڙئون پٽڻا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته بدقمستي سان ڪجهه پوليس آفيسر به ان ڪم ۾ ملوث آهن، پوليس کاتي کي اهڙين ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، پوليس جا اهڙا آفيسر معاشري لاءِ به شرمندگي جو سبب آهن. عدالت گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪري ۾ ملوث پوليس آفيسرن بابت آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button