پاڪستانسنڌغير درجه بندي

ڪلوئي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

ڪلوئي ۽ ڏيپلو جي جهارا ۽ لنجا شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رڻ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن محمد عيسى لنڊ، فتع خان لنڊ، رمضان، ڏاڏو آدم، ڪامريڊ يوسف لنڊ، يار محمد لنڊ ۽ نصر الله لشڪري ٽئين ڏينهن به بدين ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دڪاندارن کان قرض کڻي فصل پوکيو آهي، پر آبپاشي عملي جي نااهلي سبب سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي جهارا شاخ ۽ لنجا شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهتو آهي، جنهن ڪري هزارين ايڪڙ فصل سڪڻ لڳو آهي، جنهن ڪري آبادگارن جي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. هنن گهر ڪئي ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي انجنيئر مٺڙائو غلام عباس پنهور چيو ته رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي ويندي، مٿان پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن کي اسان ڪنٽرول ڪري رهيا آهيون، اميد ته پاڻي جي کوٽ اڄ رات ختم ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button