پاڪستانسنڌ

شاهپور چاڪر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

شاهپور چاڪر ۾ سدا واهه جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن عبدالخالق ٽالپر، عبدالحق ڀاڻوجو، دودو باگراڻي، محمد يوسف ڏاهري ۽ دوست علي جي اڳواڻي ۾ سدا واهه کان شاهپور چاڪر مين روڊ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. اڳواڻن احتجاج ڪندي چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن ذوالفقار کوسو رشوت جي بازار گرم ڪيو ويٺو آهي، گذريل 32 سالن کان منڍ جي زميندارن کان لکين رپيا رشوت وٺي منڍ جي آبادگارن جا واٽر ڪورس لفٽ مشين ۽ ماپ کان وڌيڪ پاڻي ڏئي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ڏئي ظلم ڪري رهيو آهي، اسان جي پڇڙي ۾ 12 هزار ايڪڙ زمين تي هر ڪاهي ويٺا آهيون، پاڻي نه هئڻ ڪري صرف 300 ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهيا آهيون. اسان جو اهو مطالبو آهي ته سدا واهه تي غير قانوني دڪن ۽ واٽر ڪورسن کي ختم ڪري پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button