سنڌ

نااهل وزيراعظم مان نجات جو علاج سندس خلاف رٿ آڻڻ آهي:شازيا مري

ڪراچي (بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيا عطا مري چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جون پاليسيون برقرار هجن ها ته ملڪ جو اھو حال نه هجي ها ۽ پاڪ ايران گيس پائيپ لائين منصوبي کي ختم ڪندي ملڪ سان دشمني ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري جي حڪومت واري دور ۾ سمورا فيصلا پارليامينٽ ذريعي ڪيا ويندا ھئا، جڏهن ته هن وقت ملڪ ۽ قوم جي قسمت جو فيصلو اڻ چونڊيل ماڻهو ڪري رهيا آهن. شازيا مري وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ نيب جو اهم ڪردار آهي ۽ اميد آهي ته ھاڻ امپائر عمران خان جي نااهلي مان مطمئن هوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو بک ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ھن چيو ته نااهل وزيراعظم مان ڇوٽڪاري جو واحد علاج سندس خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button