پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مختلف شهرن ۾ کنڊ جو اگهه 160 رپين تائين پهچي ويو

ڪوئيٽا: ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ في ڪلو کنڊ جي قيمت 160 رپين تائين پهچي چڪي آهي، مارڪيٽ ذريعن موجب ڪوئيٽا ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 142 رپيا في ڪلو کپي رهي آهي، جڏهن ته ريٽيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ 5 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اها 160 رپيا في ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چئن ڏينهن دوران کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 47 رپين تائين واڌ ٿي آهي. ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ کنڊ 148 کان 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، ٻئي طرف اگهه وڌڻ سان ٿلهي کنڊ دڪانن تان غائب ٿيڻ لڳي آهي، بازارن ۾ سنهي پائوڊر جهڙي ٻاهران گهرايل کنڊ 90 کان 100 رپين ۾ ملي رهي آهي..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button