اسلام آبادپاڪستان

سرڪار آءِ ايم ايف شرطن تي 300 ارب اوڳاڙڻ چاهي ٿي:شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڻ کي ايماندار ٻين کي چور چوندڙ پيٽرول تي في لٽر 21 رپيا ۽ ڊيزل تي في لٽر 28 رپيا حاصل ڪري رهي آهي. عوام کي هاڻ رليف تڏهن ملندو جڏهن هي نااهل حڪومت گهر رواني ٿيندي. ڪالهه پ پ جي مرڪزي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي 10 رپيا في لٽر ڪري رهي آهي، جيڪا 15 رپين تائين ويندي. تباهي سرڪار آءِ ايم ايف جي شرطن تي ليوي ذريعي 250 کان 300 ارب حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. شيري رحمان چيو ته صرف پيٽروليم ليوي جي محصولات جو حدف 120 ارب جي رليف پيڪيج کان به وڌيڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button