اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ،ڀاڙا به ٻيڻا ٿي ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽروليم شين ۾ تازي اضافي کانپوءِ جاڙن شهرن ۾ مهانگائي جي نئين لهر اچي وئي آهي. عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي. گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پيٽروليم شين ۾ تازي اضافي سان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي غله منڊي، فروٽ منڊي، سبزي منڊي، چڪن منڊي ۽ مڇي منڊي ۾ مهانگائي جو نئون سونامي اچي ويو آهي. کير، ڏهي، گيهه، اٽو، چانور، داليون، گوشت ۽ مرغي جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. اڳ ئي مهانگائي کان تنگ شهرين تازي مهانگائي کي آخري حد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته پيٽروليم شين ۾ اضافي سان گڏ گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس کان علاوه ٽيڪسي، رڪشا ڪيب، سوزوڪي ۽ ويگن جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن سبب گهٽ آمدني وارا شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button