سنڌ

ميرو خان ۾ ڳوٺاڻن جو وڏيري جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرو خان ۾ ڳوٺاڻن وڏيري خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ محمد عثمان ٻاراچ جي رهواسي ٻاراچ برادري جي ڳوٺاڻن پنهنجي ئي ڳوٺ جي بااثر وڏيري غلام عباس ٻاراچ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ذوالفقار ٻاراچ، نياز ٻاراچ، معشوق ٻاراچ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بااثر وڏيرو سالن کان ظلم ڪري رهيو آهي هنن چيو ته وڏيرو وياجي هجڻ سان گڏ ڳوٺ جي قديمي قبرستان جي پلاٽ تي قبضا ڪري دڪان ٺھرايا آهن، ان کان علاوه غريب ڳوٺاڻن جي ملڪيتن تي ڏاڍ ڪري ناجائز قبضا ڪري ڇڏيا آهن، آواز اٿارڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته وڏيري غلام عباس ٻاراچ ڳوٺ جو امن ۽ ڳوٺاڻن جو سڪون تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button