سنڌ

گڊو ۾ زمين جو جعلي کاتو ٺهرائڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

گڊو ويجھو ڳوٺ چنڊ ملڪ جي رهواسين دين محمد ملڪ جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي دين محمد ملڪ دانهيندي چيو ته اسان جي 14 ايڪڙ زرعي زمين تي ڪجهه بااثر ماڻهو جعلي کاتو ٺهرائي زوري قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جي مسلسل احتجاج باوجود فياض احمد فاروقي، منير احمد فاروقي، سيٺ هشمت را، اميش ڪمار جون زيادتيون گهٽ نه ٿيون ۽ اسان کي زمين خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪين جو سلسلو جاري آهي. انتظاميا کي آگاهه ڪرڻ باوجود انتظاميا بااثر ڌر مٿان قانوني ڪارروائي ڪرڻ بدران سندن جو حمايتي بڻيل آهي ھنن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جعلي کاتو رد ڪري ڌمڪيون ڏيندڙ ڌر مٿان قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button