سنڌ

سنڌياڻي تحريڪ جو عورتن جي قتل،اغوا ۽ مذهب مٽائڻ خلاف مظاهرو

سنڌياڻي تحريڪ طرفان عورتن جي قتل، اغوا، زبردستي مذھب مٽائڻ ۽ عورتن تي تشدد خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زينت سمون، عذره رند، راحيلا ڀٽو، نور مگسي، نصرت خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي عورتن لا مقتل گاھه بنايو ويو آھي، ڪجھه ڏينھن اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ ميمونا سومرو کي قتل ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ قرت العين ۽ ھاڻ فھميده سيال ۽ سمبل ڀٽي کي قتل ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته جرڳائي نظام جي ڪري قتل ڪيل معصوم عورتن جا خون لوڙھيا وڃن ٿا، معصوم نياڻين کي اغوا ڪري انهن جا زبردستي مذھب تبديل ڪري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، عورتن جو قتل، ظلم، بربريت ۽ دھشتگردي آھي. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت نياڻين جي تعليم لا ڪجهھ نه ڪيو آھي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button