پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو: شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ناظم جوکيو تي بدترين تشدد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ناظم جوکيو جا هڏا ۽ پاسراٽيون ڀڳل هيون، سندس مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي به سخت تشدد ڪيو ويو هو. رپورٽ موجب ناظم جوکيو جي ويهڪ واري جاءِ ۽ نازڪ عضوي تي به ڌڪ لڳل هئا. شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ناظم جوکيو جي جسم جي هر حصي تي تشدد جا نشان مليا. جناح اسپتال جي چيف ميڊيڪوليگل آفيسر ڊاڪٽر سمعيا سعيد خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته پوسٽ مارٽم جي جاري ڪيل شروعاتي رپورٽ موجب ناظم جوکيو جي چهري تي، مٿي تي، ڇاتي تي، پٺيءَ تي ۽ ڄنگهن تي ڌڪن جا نشان نظر آيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button