سنڌ

شاهزيب قتل ڪيس جو جوابدار شاهه رخ جتوئي جيل مان آزاد

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي ڊسٽرڪٽ جيل ملير شاهه رخ جتوئي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. “ايڪسپريس نيوز” موجب رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار کي آزاد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد لاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ کي خط لکيو هو. شاهه رخ جتوئي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جو خط ملڻ تي ملير جي ڊسٽرڪٽ جيل مان آزاد ڪيو ويو. واضح رهي ته جوابدار شاهه رخ جتوئي ڊسمبر 2012ع ۾ ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ شاگرد شاهزيب کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. شاهه زيب قتل ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button