سنڌ

لاڙڪاڻو ايڪشن ڪميٽي پاران اسپتالن ۾ دوائون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو ايڪشن ڪاميٽي پاران مبينا طور سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي سرڪاري دوائون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪاليا فقير، جاويد علي ٽڳڙ، شير کوسو، وشال ملاڻي، نويد احمد کوسو ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا اسپتال جي دوائن جي سرڪاري اسٽورن جي انچارج محمد علي شيخ ۽ عارف علي عباسي ملي ڀڳت ڪري جعلي دوائن جي ڪمپنين جا معاهدو ڪيو آهي، غريب ۽ بي پهچ مريضن کي جعلي دوائون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب مريض صحتمند ٿيڻ بدران ڪيترن ئي مرضن ۾ مبتلا ٿي ٿا وڃن. هنن چيو ته محمد علي شيخ ۽ عارف علي عباسي سرڪاري دوائن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي پر انهن کان ڪير پڇا ڪرڻ وارو ناهي جڏهن ته ٻئي ملازم سرڪاري اسٽورن جون دوائون پنهنجي ذاتي اسٽورن سميت ٻين خانگي اسٽورن تي وڪرو ڪري رهيا آهن، اهڙين ناجائزين خلاف اسان مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو. هنن مطالبو ڪيو ته اسٽور انچارجن محمد علي شيخ ۽ عارف علي عباسي کي هٽائي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي غريب مريضن کي سرڪاري دوائون ڏئي سندن حياتيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button