سنڌ

نوشهروفيروز ۾ پگهارون نه ڏيڻ خلاف ٽائون ملازمن جي ريلي

ٽائون ڪميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن پاران پگهار نه ڏيڻ خلاف ٽائون ڪميٽي نوشهروفيروز کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڪشن راجا، مولابخش شيخ، عمران علي راڄپر، سليم لنڊ، جاويد شيخ، محبوب شيخ ۽ ٻين چيو ته ھر سال سمورن سرڪاري ملازمن جي پگھار وڌائي ويندي آهي پر ٽائون ڪميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن جي پگھار نه ٿي وڌائي وڃي ۽ رٽائرڊ ملازمن کي وقت تي پينشن به نٿي ڏني وڃي، گٽرن ۾ گھڙندڙ ملازمن کي آڪسيجن سيفٽي به ناهي، جڏهن ته 8 ڏينهن گذرڻ باوجود پگهارون نه ڏنيون ويون آهن، جيڪڏهن اڄ تائين پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته ٻهارا ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button