پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي بک هڙتال

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن محمد عيسى لنڊ، رمضان لنڊ، آدم لنڊ، شفيع محمد لنڊ ۽ ٻين ٿرڪول روڊ بلوچ آباد وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال ڪئي. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٿي منڊ ۾ سرعام ايس ڊي او معرفت آبادگارن کان سيزن جا پئسا ورتا پيا وڃن، جنهن ڪري پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي، مجبور ٿي اسان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي آهي، جيڪا رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي اچڻ تائين جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button