سنڌ

نوابشاهه ۾ ذاڪر سهتو جي بازيابي لا جسقم جو احتجاج

شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، راجا سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 85 ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته قومي ڪارڪنن کي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، جڏھن ته سُڌريل ۽ مھذب ملڪن اندر پنھنجي وسيلن جي مالڪي ۽ وطن جي مالڪي ڪندڙن کي قومي اعزازن سان نوازيو ويندو آھي، هتي جمھوريت جي آڙ ۾ بنيادي انساني حقن جي پامالي معمول بڻجي وئي آھي. ھنن چيو ته 85 ڏينھن گذري ويا آھن پر ملڪي عدالتون اڃا تائين سنڌ جي کنڀيل ڳڀرو شھزادن جي بازيابي لاءِ ڪوبه حڪم جاري نه ڪري سگھيون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button