پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 2 مريض فوت، 250 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 2 مريض فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7598 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 14130 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 250 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ ٻه مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7598 ٿي ويو آهي ۽ فوتين جي شرح 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 14130 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 250 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي، جيڪا 1 ڏهائي 8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6524600 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 471191 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي، جن مان 95 ڏهائي 8 سيڪڙو يعني 451392 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 65 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 12201 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 11980 گهرن ۾، 20 آئيسوليشن سينٽرن ۽ 201 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button