سنڌ

حليم عادل، ام رباب جي فهميده سيال جي وارثن سان تعزيت

قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو واقعي ۾ قتل ٿيل فهيده سيال جي وارثن وٽ تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، ام رباب چانڊيو، ايم پي اي راجا اظهر حسين، سيد طاهر شاهه، محمد علي هڪڙو ۽ ٻين تڏي تي پهچي وارثن سان ڏک ونڊيو. ان موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ، ايم پي راجا اظهر ۽ ام رباب چيو ته سنڌ اندر جاگيرداري ظالمن جو راڄ قائم آهي، شهيد ذوالفقار ڀٽو جاگيرداراڻي نظام خلاف هو پر هن وقت پ پ تي زرداري ليگ جو قبضو آهي، جن جاگيردارن کي اوهان ووٽ ڏنا هاڻي اهي اوهان وٽ ميڙ منٿ ڪري راڄوڻي ڪرڻ لاءِ ايندا، اسان کي قانوني رستو وٺڻ گهرجي. هنن چيو ته هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن مظلوم جو ناحق خون وهايو وڃي ٿو ۽ ان واقعن ۾ سنڌ حڪومت جا ايم پي اي ملوث آهن، هنن چيو ته ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ سڌي ريت ايم پي اي گهنور اسراڻ جو ساٿاري بڻيل آهي، جيڪا انتهائي شرم ۽ نااهلي جو ثبوت پيش ڪري ٿي. هنن چيو ته فهميده سيال ۽ ناظم جوکيو جي قاتلن کي هو ڪڏهن به معاف نه ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button