
قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ پنج ڏينهن اڳ پلاٽ مالڪي تان اسراڻ برادري جي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت فھميده سيال جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن تصور اسراڻ، عزيز اسراڻ، طالب لاڙ، سيف الله شاھاڻي کي پکو ٿاڻي جي پوليس قتل ڪيس ۾رمانڊ لاءِ قمبر جي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ 2 علي بخش مشوري جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس عدالت سڳوري کي قتل ڪيس ۾گرفتار جوابدارن کان جاچ لاءِ 14 ڏينهن جي رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت چئن ڏينھن جو رمانڊ منظور ڪندي ايندڙ شنوائي 12 تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.