پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ فنڪشنل ليگ جو جلسو، سنڌ سرڪار تي تنقيد

سنجھورو: پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي سنجھورو جي صدر فقير علي احمد مڱريو پاران فنڪشنل ليگ کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ توڙي تعلقي جون سموريون باڊيون مڪمل ڪري عھديدارن جو اعلان ڪرڻ لا ورڪر ڪنوينش جي سلسلي ۾ جلسو ڪوٺايو ويو، النور ميريج گارڊن ۾ ٿيل جلسي ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي خليفي وريام فقير ورياماڻي، غلام دستگير راڄڙ، ڊاڪٽر فاروق مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تھ پ پ جي 13 سالن جي اقتدار واري دور ۾ سنڌ جو ڏيوالو نڪري ويو آھي، سنڌ جو عوام پيڙھجي چڪو آھي. مھانگائي، بک، بدامني ۽ لاقانونيت چوٽ تي آھي، انتظامي طور پ پ حڪمران بلڪل عوام جي امنگن جي ابتڙ لٿا آھن، پي پي سرڪار ھاڻ قاتل ۽ ڪرپٽ ليگ بنجي وئي آھي، عوام جي محافظ سڏرائيندڙ حڪومت جا ايم پي ايز پاڻ ماڻھو پيا مارين، اھي وري عوام سان ڪھڙو انصاف ڪندا. اڳوڻي ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي، فقير محمد اسماعيل مھر، بچل فقير ورياماڻي، فقير علي احمد چانگ، فنڪشنل سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وقار احمد جٽ، مراد علي نظاماڻي، اڳوڻي تعلقي ناظم ڊاڪٽر محمد ھاشم خاصخيلي، اعجاز علي لغاري، ميان محمد احمد کرل، ڊاڪٽر قمبر مري، علي احمد مڱريو، علي حسن نظاماڻي، غلام مصطفى ڪيريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button