پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ فٽبال ٽورنامنيٽ، ينگ بلوچ مقابلو کٽي ورتو

ميرپورخاص: آصفه ڀٽو زرداري فٽبال اڪيڊمي ميرپورخاص پاران شمع گرائونڊ ۾ منعقد ڪيل آل سنڌ شهيد بينظير ڀٽو فٽبال ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آهي، ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ۾ ميرپورخاص جي ينگ بلوچ فٽبال ڪلب جي ٽيم سخت مقابلي بعد شهديٰ اسپورٽس ٽنڊوڄام جي ٽيم کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي، ميچ جو واحد گول ينگ بلوچ جي رانديگر حماس رياض اسڪور ڪيو. ان موقعي تي ٽورنامينٽ آرگنائيزر ماجد لاشاري ٻڌايو ته ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ بدين سميت مختلف ضلعن ۽ شهرن جو 24 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن ۽ ٽورنامينٽ جو ڪو آردينيٽر (فيفا) جي انور علي بلوچ کي مقرر ڪيو ويو آهي. ميچ ۾ اميد علي، واحد بلوچ ۽ ڀٽو ريفريز جا فرض نڀايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button