سنڌ

ڏهرڪي ۾ ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ خلاف جي يو آ جو احتجاج

ڏهرڪي جي ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي انتظاميه پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ، ڌارين جي ڀرتي ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف جي يو آءِ جي ڪارڪنن ڪمپني جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير مولانا اسحاق لغاري، اسد الله مھر ۽ ٻين چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ بدران پنجاب صوبي سميت ٻين صوبن جي ڌارين ماڻھن کي روزگار ڏئي مقامي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي رھي آھي، جيڪا مقامي ماڻهن سان ناانصافي آھي، تيل ڪمپني فنڊ مان علائقي واسين توڙي شهر واسين کي بنيادي سهولتون فراهم نه پئي ڪري، اربين رپيا ڪمائڻ باوجود انتظاميا علائقي واسين کي صاف پاڻي به مهيا نه ڪري سگهي آهي. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ماڙي پيٽرليم ڪمپني پنھنجي ھوڏ تان نه لٿي ته اسان جو احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button