سنڌ

مهرين ڀٽو جي ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سان ملاقات، اسپتال جو دورو

پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو گمبٽ جي گمس اسپتال پھچي گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سان ملاقات ڪئي ۽ گمس ۾قائم ٿيل مختلف وارڊن جو دورو ڪري اسپتال ۾ داخل شڪارپور ضلعي جي پ پ ليڊيز ونگ جي صدر ريحانه جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي کي بھترين ادارو قائم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ گمبٽ ۾ اصغر سروھي ۽ حبيب لاڙڪ جي تڏي تي پهچي تعزيتون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button