سنڌ

گدلاڻ روڪڻ لا وڻڪاري تي زور، تعليمي معيار بهتر ڪريو: ناري فائونڊيشن

سکر ويجهو يوسي لونگ ڀٽي جي ڳوٺ سوڍو خان سروري ۾ ناري فاوُنڊيشن پاران آواز فائونڊيشن ۽ وي ايس او جي سهڪار سان “پائدار جياپي، ماحولياتي تبديلي ۽ معياري تعليم” جي سري هيٺ يوٿ ڪميونٽي ڊائلاگ ڪوٺايو ويو. ڊائلاگ ۾ ڳالهائيندي ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انور علي مهر چيو ته آواز فائونڊيشن ۽ وي ايس او جي سهڪار سان ناري فائونڊيشن روهڙي تعلقي جي 3 يوسيز لونگ ڀٽي، پٽڻي ۽ اروڙ ۾ جي هڪ سئو هارياڻين کي جديد زراعت، ماحولياتي تبديلي، پائدار جياپي ۽ خوراڪ جي تحفظ بابت 6 مهينن تائين مختلف پروگرامن ذريعي سکيا ڏيندي، ڪرونا وائرس سبب وڏي عرصي تائين اسڪول نه وڃي سگهڻ سبب ٻارڙن خاص طور ڇوڪرين جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي، تنهن ڪري ڄاڻايل ٽنهي يوسيز جي هارياڻين جي ڇوڪرين کي گهر ويٺي ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ ڪيچپ ڪلاسز هلايا ويندا، جڏهن ته مڊل پاس ڪندڙ 30 ڇوڪرين کي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان مئٽرڪ تائين تعليم ڏياري ويندي. ڊائلاگ پروگرام ۾ ڳالهائيندي پبلڪ پراسيڪيوٽر هيرانند لالواڻي چيو ته صنعت توڙي ٽيڪنالوجي جي ترقي جتي انساني زندگي لاءِ انيڪ سولايون پيدا ڪيون آهن، اتي خطرناڪ حد تائين گرين گئس پيدا ڪرڻ جو سبب پڻ بڻيل آهي، جنهن ڪري عالمي ماحوليات خطري ۾ پئجي وئي آهي، جيڪڏهن گرين گئسن جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا ته گرمي پد ۾ واڌ سبب خطرناڪ طوفانن توڙي ڏڪار سبب ڌرتي جي گولي تي وڏي تباهي ايندي، ماحوليات جي تحفظ ۽ گرمي پد کي گهٽائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻڪاري ۽ ٻيلا ٻيهر آباد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. زرعي ماهر مٺل باجڪاڻي چيو ته خوراڪ جي پيداوار ۽ فراهمي کي بھتر بڻائي بک جو خاتمو آندو وڃي، بهتر خوراڪ جي فراهمي لاءِ هائبرڊ ٻجن کي ڇڏي جديد ۽ روايتي ديسي طريقن سان خوراڪ جي تازگي ۽ پاڪيزگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي. تعليمي ماهر شازيا عباسي چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليمي ادارن جي حالت خراب آهي، دنيا جديد کان جديد تعليم طرف وڌي پئي پر اسان وٽ اڃا تائين مدي خارج تعليمي نظام ۽ نصاب برقرار آهي، دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تعليمي سرشتي توڙي نصاب کي جديد بڻائڻو پوندو. جڏهن ته رجب خاصخيلي، هاشم سروري، حيدر علي مهر ۽ رابعه ڦلپوٽو ڊائلاگ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button