سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عورتن ۽ معصوم ٻاڙن پاڪ ڪتاب کڻي قتل ڪيل نوجوان سمير بروهي جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مقتول جي ما شبانه خاتون بروهي پنهنجي ڀينرن آسيه، گل خاتون ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته نوجوان پٽ سمير بروهي کي گهٽي ۾ ويهڻ تان 13 آگسٽ تي ليڊي پوليس اهلڪار ارجمه شاهين ۽ سندس ڀائرن تشدد ڪري قتل ڪيو هو، دڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل هجڻ باوجود ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪيو، مک جوابدار ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين سندس ڀائرن عمران علي، مشتاق احمد، علي محمد جسڪاڻي کي پوليس گرفتار نه ڪيو آهي. پوليس جوابدار ڌر جي ونگار وهندي منهنجي والدين سميت ڀائرن تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن جي آڙ ۾ پوليس 3 ڏينهن اڳ سئوٽ نثار بروهي کي گرفتار ڪيو، جيڪا ناانصافي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button