سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام يونيورسٽي جي شاگردن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ بااثرن پاران ڪوڙي ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. شاگردن وزير ڏاھاڻي، حب ڏاهاڻي، آفاق ڏاهاڻي، مشتاق جاگيراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 2 نومبر تي بااثر مسرور احمد موريو جيڪو منير احمد موريو جو پٽ آهي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر احسن ٻرڙو، ڊپٽي پرووسٽ ڄام شاهزيب سهتو جي ملي ڀڳت سان 15 شاگردن حب ڏاهاڻي، مظهر باجڪاڻي، امداد ٻالڪاڻي، رهبر ڏاهاڻي، وزير ڏاهاڻي ۽ ٻين مٿان ڌمڪين جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي. هنن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد اسان شاگردن وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي، جنهن جي تاريخ اڄ رکيل آهي ضمانت باوجود پوليس 2 ڏينهن اڳ حب ڏاهاڻي، آفاق ڏاهاڻي، نويد عالماڻي سميت 8 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ڪالهھ پوليس هنن کي ڇڏيو ۽ اڄ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا آهيون. هنن عدليه ۽ ڊي آ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي داخل ڪوڙي ايف آ آر خارج ڪرائي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button