سنڌ

جاگيرداراڻي نظام خلاف تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو وڃي:ام رباب چانڊيو

ميهڙ واقعي بابت ايم پي اي سردار خان چانڊيو پاران داخل پٽيشن جي شنوائي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ رٿيل هئي، جيڪا جسٽس جي غير موجودگي سبب ملتوي ڪئي وئي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار ڌر عدالت جي آرڊر کي چئلينج ڪيو آهي، اسان عدليه ۾ اميد رکي اچون ٿا، اسان کي عدالتن تي يقين آهي. هن چيو ته ماڊل ڪورٽ عوام کي جلد انصاف لا قائم ڪيون ويون آهن پر مان هتي پنجين شنوائي تي آئي آهيان ۽ هر ڀيري نئين تاريخ ملي آهي ان ڪري چيف جسٽس کي گذارش آهي ته نوٽيس وٺي ماڊل ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن جو جائزو وٺي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ جا حڪم جاري ڪري، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي پيغام ڏينديس ته جاگيرداراڻي نظام خلاف جيڪا اسان جنگ وڙهي رهيا آهيون دراصل اها جنگ سسٽم خلاف آهي، منهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جا قاتل پيپلزپارٽي جا سٽنگ ايم پي اي آهن، تازو ناظم جوکيو کي قتل ڪيو ويو، ان جي قاتلن جو واسطو پيپلزپارٽي سان آهي، عزيز ميمڻ جا قاتل به پيپلزپارٽي سان واسطو رکن ٿا. اجي لالواڻي جا قاتل به پيپلزپارٽي سان واسطو رکن ٿا، اوهان ڏسو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ماڻهن سان ڪيترو ظلم ڪيو آهي. عوام کي گذارش آهي ته خدارا پنهنجون اکيون کوليو ۽ جاگيرداراڻي نظام خلاف جيڪا تحريڪ هلي آهي ان ۾ هڪٻئي جو آواز بڻجن. تازو گهنور اسراڻ جي هٿان جيڪو واقعو ٿيو ۽ سرعام دهشتگردي پيا ڪن ۽ اهي ئي ماڻهو اسيمبلي ۾ ويهي حڪمراني پيا ڪن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button