پاڪستانسنڌ

ناظم قتل ڪيس ۾ جوابدار ايم پي اي ڄام اويس بجار کي هٿڪڙيون لڳي ويون

ڪراچي/ٺٽو: شھيد ماحوليات ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ جوابدار وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ٿي ويا، وڪيلن جي احتجاج بعد ايم پي اي ڄام اويس بجار کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪالهه شھيد ماحوليات ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد گرفتار مک جوابدار پ پ ايم پي اي ڄام اويس بجار ۽ سندس ٻنھي گارڊن جوابدار حيدر علي ۽ امير علي کي پوليس ملير جي عدالت ۾ سخت سيڪيورٽي ۾ پيش ڪيو.

عدالت ۾ جاچ آفيسر پاران رھيل ٻن جوابدارن جي گرفتاري لا جوابدارن کان آڏي پڇا خاطر کين پوليس رمانڊ ۾ ڏيڻ جي درخواست ڏني وئي، جيڪا عدالت منظور ڪندي جوابدارن کي وڌيڪ ٽن ڏينھن لا جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ شهيد ناظم قتل ڪيس جي شنوائي جي موقعي تي ايم پي اي ڄام اويس بجار ۽ ٻين جوابدارن جي پهچڻ تي ايم پي اي جي حامين پاران سندس حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته وڪيلن پاران شهيد ناظم جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا. وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو ته قتل ڪيس جي جوابدار ايم پي اي کي هٿڪڙيون ڇو نه لڳل آهن، وڪيلن جي احتجاج بعد ايم پي اي ڄام اويس بجار کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ۾ ڪيس جي شنوائي دوران جاچ آفيسر ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار روپوش آهن.

مقتول جَي وڪيل طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جِي استدعا ڪئي وئي آھي، جنهن بعد عدالت ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ٻئي طرف ناظم جوکئي جي قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي تبديل ڪيو ويو آهي. مقتول ناظم جوکئي جي وارثن مطالبو ڪيو هو ته جاچ غيرجانبدار آفيسر حوالي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي جاچ آفيسر اسد الله انصاري کي هٽائي غلام مجتبيٰ کي نئون جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ عدالت ٻاهران شھيد جي وارثن طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو، ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻن چيو ته چيف جسٽس کي عدالت اندر جوابدارن جي حامين جي غنڊاگردي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button