سنڌ

يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ۾ داخلا ٽيسٽ

شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ( اڳوڻوسينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مهراڻ يونيورسٽي) ۾ سال2021ع جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ اداري جي مک گرائونڊ تي ٿي گذري، انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان 400 اميدوارن شرڪت ڪئي. فائن آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن ڊزائن ۽ ٽيڪسٽائل ڊزائن شعبن ۾ داخلا لاءِ اميدوارن کان ملٽي پل چوائس (انگريزي، مئٿميٽڪس، جنرل ناليج) ۽ ڊرائنگ جي ٽيسٽ ورتي وئي جڏهن ته داخلا لاءِ 50 سيڪڙو سيٽون سنڌ ۽ 50 سيڪڙو ملڪ جي ٻين علائقن جي اميدوارن لاءِ مخصوص ڪيون ويون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button