پاڪستانپنجاب

آرمي چيف سان ڪئنيڊا جي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي:آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڪئنيڊا جي نائب پرڏيهي وزير مارٽا مورگن ملاقات ڪئي آهي. آئي ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيل ملاقات ۾ مجموعي علائقائي صورتحال ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي اپائن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ٻطرفن رابطن جي روايت کي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ڪئنيڊا سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ مقصدي جٽادار لاڳاپن جو خواهشمند آهي. آئي ايس پي آر مطابق ڪئنيڊين نائب پرڏيهي وزير افغانستان مان واپسي جي آپريشن، علائقائي استحڪام ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button