سنڌ

ميهڙ ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي،دڪاندار گرفتار

مختيارڪار ميهڙ الله بخش مگسي ميهڙ شهر ۾ کنڊ ۽ اٽي جا اگهه چيڪ ڪيا، وڌيڪ اگهه وٺندڙ 10 کان وڌيڪ دڪاندارن تي هزار- هزار روپيا ڏنڊ هنيو، جڏهن ته هڪ دڪاندار جميل سومرو کي مختيارڪار ميهڙ سان منهن ماري ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، دڪانداري جي گرفتاري تي ڪيترائي دڪاندار دڪان بند ڪري ڀڄي ويا ۽ ڪجهھ دڪاندار ٿاڻي تي پھچي احتجاج ڪيو جڏهن ته مختيارڪار ميهڙ الله بخش مگسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دڪاندار سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهه کان وڌيڪ پئسا وٺي رهيا آهن، انڪري دڪاندارن تي ڏنڊ وڌو آهي، جڏهن ته دڪاندارن احتجاج ڪندي دانھيو ته وڏا واپاري اسان کي وڌيڪ اگهه تي کنڊ ڏئي رهيا آهن، مختيارڪار انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجا اسان تي ڏنڊ وجهي رهيو آهي، وڏن واپارين خلاف ڪاروائي نه پئي ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button