سنڌ

لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن کان 60 لک ڀنگ طلب

لاڙڪاڻي مان هفتو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ڳيريلي واسي نوجوان جي وارثن کان ڌاڙيلن سندس آزادي جي سلسلي ۾ 60 لک روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو. عورتاڻي آواز تي هرکجي لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل ڳيريلي واسي نوجوان ڪريم بخش ابڙو جي وارثن سان ڏوهارين رابطو ڪري سندس بازيابي لاءِ 60 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. ٻي صورت ۾ مغوي نوجوان جو لاش ڦٽو ڪرڻ جون پڻ ڌهمڪيون ڏنيون آهن. ڏوهارين مغوي نوجوان جي وارثن اڳيان ڀنگ جي رقم ڏيڻ جو شرط رکي نوجوان سان پڻ وارثن کي ڳالهرايو، جنهن ۾ نوجوان وارثن کي جلد پئسا ڏئي ڇڏرائڻ جو چيو آهي.مغوي نوجوان ڪريم بخش ابڙو جي چاچي مولا بخش ابڙو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڏوهارين گذريل رات اسانجي اغوا ڪيل ڀائٽي جي فون تان رابطو ڪري اسان کان 60 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاش موڪلڻ جو چيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اسان مسڪين هاري ماڻهو آهيون، 60 لک ڪٿان آڻيون جو پنهنجي ڀائٽي کي ڇڏرايون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button