پاڪستانسنڌ

بحريني بادشاهه ۽ اماراتي صدر سميت 14 شخصيتن کي سنڌ ۾ شڪار جي اجازت

اسلام آباد: سنڌ ۾ هلندڙ سال عرب شاهي خاندانن جي 14 شخصيتن جي تلور جي شڪار جا اجازت ناما جاري ڪيا ويا. پرڏيهي معاملن واري وزارت صوبن کي وائلڊ لائف قانونن تحت هنٽنگ لائسنس جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، دستاويزن موجب وفاق سنڌ کي درخواست ڪئي هئي ته عرب شيخن کي شڪار جي اجازت ڏني وڃي، انهن ۾ عرب امارتن جو صدر ۽ بحرين جو بادشاهه به شامل آهن. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عرب امارتن جي صدر کي بدين، سانگهڙ، گهوٽڪي، نوابشاهه ۽ خيرپور ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي، اماراتي شاهي گهراڻي جي رڪن شيخ حمدان کي خيرپور، لاڙڪاڻي، قمبر – شهدادڪوٽ ۽ دادو ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ بن سلمان کي ڄامشوري ۾ ٿاڻي بولا خان، ڪوٽڙي ۽ سجاول ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button