سنڌ

سکر ضلعو ثقافتي رنگن سان ٻهڪي پيو،شهر شهر ۾ ريليون، جهمريون

سکر، روهڙي، صالح پٽ ۽ ڪنڌرا سميت سڄي ضلعي ۾ قومي عيد ثقافت جي ڏهاڙي تي هزارين سنڌي رستن تي نڪري آيا، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، مختلف ريلين ۽ تقريبن ۾ اجرڪ ۽ ٽوپين جا تجلا ٿي ويا. سکر ۾ پريس ڪلب ۽ لب مهراڻ آڏو مک تقريبون ٿيون، جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين سان گڏوگڏ شهرين ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ڌرتي سان محبت جو ثبوت ڏنو. روھڙي جي خانگي اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ اسڪول جي استادن شاگردن ۽ ٻارڙن جي والدين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪولي شاگردن ۽ معصوم ٻارڙن سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو. ثقافتي تقريب ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي توڙي ثقافتي ويس پهريل شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، شاگردن سنڌ جي عظيم ثقافت بابت تقريرون ڪري جذبو اڀاريو. اسڪول جي سرپرست اڪبر قاضي ۽ اسڪول جي پرنسپال سراج احمد قاضي خطاب ڪندي چيو ته عظيم ثقافت کي اجاگر ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، تعليم ذريعي سنڌ ۾ تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪري ترقي ڏياري سگهجي ٿي، زنده قومون پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن، اڄ خوشي ٿي رهي آهي ته اجرڪ ٽوپيون پهريل ثقافتي ويس ۾ ويڙهيل شاگردن جي پنهنجي تهذيب سان ملاقات ٿي آهي، تعليم ذريعي اسان اڳتي وڌي سنڌ جو نالو روشن ڪري سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button