سنڌ

گڊو ۾ واپڊا ملازم جا قاتل 9 مهينن کان گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

گڊو جي ملڪ پاڙي ۾ واپڊا ملازم نوجوان خانزادو مزاري جا قاتل 9 مهينا گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جنهن خلاف مقتول جي ڀا نواب مزاري معصوم پٽ سان گڏ گڊو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته 9 مھينا اڳ منھنجي ڀاءُ خانزادو مزاري کي سندس ٻه دوست مريد مزاري ۽ لالي مزاري گھران وٺي ويا ھئا جنهن بعد انھن کيس گڊو شھر جي ملڪ پاڙي ۾ پنهنجي جڳھه تي ويٺل ٽن ٻين ساٿين سعيد مزاري، دائم مزاري ۽ وارث سميجو سان گڏجي بنا جواز سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪپڙن کان آجو ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو، ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان ھڪ وارث سميجو پاڻ گرفتاري ڏني ھئي پر گڊو پوليس 9 مھينا گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد ٻيو ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن سھولتڪار بڻيل آهي ۽ منھنجي ڀاءُ جي قتل کي ڪمائي جو ذريعو بڻائيندي جوابدارن کان رشوت وٺي مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رھي آھي، نامزد جوابدار مون کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لا قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر پوليس ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هن آ جي سنڌ، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور زبير نذير شيخ کان مطالبو ته قتل ڪيس جي مک جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button