سنڌ

ڪشمور بار جي سالياني چونڊن ۾ جيئي لطيف لائيرز پئنل ميدان ماري ورتو

ڪشمور بار جي سالياني چونڊن ۾ جيئي لطيف لائيرز پئنل ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. سالياني اليڪشن ۾ سنڌ بار ڪائونسل ۽ تعلقي بار ڪائونسل جي ٻن گروپن جيئي لطيف پئنل ۽ الشهباز لائيرز پئنل وچ ۾ مقابلو ٿيو. ريٽرننگ آفيسر جي نگراني ۽ سينيئر سول جج محمد علي راڪ جي سربراهي ۾ پولنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا اميدوار صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدن تي بيٺا. صدر جي عهدي لاءِ عبدالرئوف کوسو، عبدالفهيم ٿهيم ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ نثار احمد سومرو، سليم جان شيخ اميدوار هئا، ووٽنگ جو عمل صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهيو. شام 5 وڳي کانپو ڪامياب پئنل جو اعلان ڪيو ويو، جنهن مطابق جيئي لطيف لائيرز پئنل 50 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button