سنڌ

لاڙڪاڻي واسين جو گهٽي تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڀنيس ڪالوني پير مراد شاهه ڀرسان السعادات ڪالوني جي رهواسي قريشي برادري بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد جمن قريشي، صوفن قريشي، نظير قريشي ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته ڪالوني ۾ اسان جو اڍائي هزار فوٽ پلاٽ آهي جنهن جي 10 فوٽ تي گھٽي مليل آهي جيڪا نقشي موجب آهي پر ان تي بااثرن مزمل شاهه، ايڊوڪيٽ محبوب شاهه۽ ٻين گھٽي جي لنگهه تي قبضو ڪري رستو سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جون شڪايتون اسان ضلعي انتظاميا سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي ڏنيون پر تنهن باوجود پوليس ڪا ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته بااثر قبضي خورن خلاف ڪارروائي ڪري گھٽي جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button