سنڌ

ناظم جي وارثن سان گڏ آهيون،هر مدد ڪنداسين:ثمر جتوئي

ملير:سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي مرڪزي اڳواڻن آزاد عالم لاشاري، پروفيسر وجود شر، جونيئر ڪامريڊ مظهر جتوئي سان گڏ شهيد ناظم جوکيو جي وارثن وٽ تعزيت لا پهتو. جتي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جو خون سرداري نظام جي ڪرندڙ ديوار ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو ۽ هميشه لا هن مدي خارج نظام مان جان ڇٽندي. شهيد ناظم جي وارثن سان سنڌ هاري ڪاميٽي گڏ آهي، اسان هر ممڪن مدد ڪنداسين. هنن وڌيڪ چيو ته زرداري ليگ سنڌ دشمني وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي پرامن جدوجهد آخري دم تائين جاري رهندي۔

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button